Friday, 26 April 2013

باکوڙي موري جي شهيدن جي ورسي جو ڏينهن – سڙيا مٿي سچ (روپلو آريسر)



اپريل جي 21 تاريخ جو اهو بد نصيب ڏينهن ڪيئن ٿو وسري سگهي جڏهن سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو،نرالو ۽ هانءَ ڏاريندڙ واقعو ٿيو.سانگهڙ جي سرزمين جتي سورهيه بادشاهه انگريز سامراج کي للڪاريو هو ۽ هزارين حرن پنهنجي رت جو ريج ڏئي غلامي جي ڪارن بادلن کي پنهنجي ڌرتي تان هٽائڻ لاء جنگ ڪئي هئي ان ئي سرزمين تي جڏهن انقلاب جو ٻوٽو سڪڻ لڳو ته سرائي قربان ساٿين سميت پنهنجي رت جي ريج سان ان ٻوٽي کي سائو ڪرڻ پهتو،سرائي قربان ته لطيف جي بيتن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪردار هيو ۽ هن عزت واري موت حاصل ڪرڻ وارو رستو پنهنجو پاڻ لاء ائين طئي ڪري ڇڏيو هو جيئن ڪي پنهنجي موت جي چونڊ پاڻ ڪندا آهن.

هن جي عجيب طبيعت هئي ڪيڏي به پريشاني هجي ڪيڏو به وڏو مسئلو هجي ته پر هن جي خوبصورت چهري تان مرڪ ڪو به کسي نه سگهيو هو.شهادت کان.ٽي ڏينهن اڳ هن مون سان ڪچهري ڪئي هئي پنهنجي رستي جي چونڊ مان پر اميد هي شخص حوصلن ۾ هماليه جبل کي به مات ڏيو ويٺو هو ۽ هو رات ڏينهن هڪ ڪري سنڌ جا سمورا پنڌ پيچرا لتاڙي عظيم مقصد واري جدوجهد ۾ اڻ ٿڪ ڪردار بڻجي ويو ۽ جڏهن ڪنهن دوست چيس ته سائين سڄو ڏينهن سياسي ڪم ڪري ٿڪجو نٿا ته رني ڪوٽ جي هن رکوال چيو ته آرام وڃي ڌرتي ماءَ جي هنج ۾ وڃي ڪنداسين تڏهن لطيف جون هي سٽون ٺهه پهه ذهن تي تري آيون،

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڄي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين

باکوڙي موري جيڪا مون اڳ ڪڏهن نه ٻڌي هئي نه ڏٺي هئي پر هاڻ جيسين ساهن جو سلسلو رهندو تيسين تائين ڪڏهن به نه وسرندي ان باکوڙي موري وٽ ڪار ۾ سوار سنڌين جي محبوب اڳواڻن کي سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ نه صرف گولين سان پروڻ ڪيو پر پوء انهن زندهه ماڻهن کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ننگي وحشيت ۽ بربريت جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو،

شرعي قانونن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪئي وئي،چار ڳڀرو نوجوان سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ زندهه ساڙيا ويا.

موت ته برحق هر ڪنهن کي اچڻو آحي ڪائنات ۾ جيڪا به شئي وجود ۾ آئي ان جو انت ان جي خاتمي سان ٿيڻو آهي پر ڪي عمل ۽ ڪي شخص نه وسرندڙ باب بڻجي ويندا آحن تاريخ جو بي رحم ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي پر اهي ماڻهو قومن جو اهڃاڻ بڻجي هر نسل جي رهنمائي ڪندا آهن..

انهن عملن ته موت جي ننڍ سمهندڙ کي نئين حياتي نئين زندگي ۽ نئون جنم ڏئي ڇڏيو جيڪو ختم ناهي ٿيڻو ها جيسين تائين هي ڌرتي ۽ هن قوم جو وجود آهي اهي ڪردار نه مٽجندڙ ۽ نه وسرجندڙ ڪردار بڻجي چڪا آهن…

سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي ڪار ۾ گوليون هڻي زندهه ساڙڻ وارن اهو سوچيو هوندو ته هي شخص ختم ٿي ويا پر شايد ساڳئي هنن کي خبر نه هئي ته هنن جي زندگي ۽ حيات جو سلسلو ته شروع ئي هاڻ ٿيو آهي،

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيان نه مات،

هوندا سي حيات جيئڻا اڳي سي جيئا،

باکوڙي موري ۽ سڙيل ڪار ۽ ان ڪار اندر هڏين جو ڳٺڙيون نه صرف سالن تائين پر صدين تائين بهادر.جرئت،غيرت ۽ عشق جي اهڃاڻ طور سڃاتا ويندا.۽ ها واقعي هي واقعو بهادري جي لافاني مثال آهي سڙيل گاڏي ۾ اڌ مان مٿي سڙيل جسم سان جڏهن نورالله تنيو ٻاهر ٿو نڪري تڏهن به هو نعرا ٿو هڻي ۽ 70 سيڪڙو جسم سڙيل هي ڳڀرو نوجوانن ميڊيا کي بهادري ۽ بردباري سان انٽرويو ڏئي قاتلن ۽ چهرن تي نقاب چڙهلين جا نقاب لاهي کين دنيا آڏو پڌرو ڪري ٿو.

مون مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت سندس هڏين جا ٽرڪاٽ ته نه ٻڌا هئا پر ها سڄو جسم سڙيل نورالله تنيو جي چهري تي جڏهن جسم سڙيل باوجود سندس مرڪ ڏٺم ۽ سندس حوصلو ڏٺم تڏهن ويساهه ٿي ويو ته واقعي عشق وڏي ڳالهه آهي ۽ مخدوم بلاول به ائين ئي مرڪي عشق جي امتحان مان پار پيو هوندو.

لطيف سرڪار ئي انهن آزادي جي پتنگن لاء چيو آهي جيڪي سنڌوديش جي سچ جي ٻريل مچ مٿان سڙي قربان ٿيا،

پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،

پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا.

ها جڏهن جسم ۾ ڀريل ۽ خوبصورت نوجوانن جا لاش ڏسڻ لاء شهدادڪوٽ ۾ اسان ايمبولينس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ته اسان کي خبر نه هئي ته آخري ديدار به نصيب ن ٿيندا ۽ اسان سرائي جي چپن تي آخري مرڪ به نه ڏسي سگهنداسين ايمبولينس مان جئين لاش ڪڍيا ويا منهنجو هانءُ ڇڄي پيو، سرائي قربان جهڙي قدآور شخص جو لاش ڪپڙي جي ڳٺڙي ۾ ڏٺو ته بدين مان ساهه کي نڪري ويو اندر ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي مچ دُکي ويا.ڇا ڪنهن انسان کي جيئرو ساڙڻ وارن کي انسانيت جي دائري ۾ رکي سگهجي ٿو؟؟ ۽ ان وقت ئي پنهني ضمير سان وچن ڪيم ته پنهنجي محبوب دوستن جي قربانين جو تسلسل بڻجي شهيدن پاران رت ڏئي ٻاريل شمع کي پنهنجي رت سان روشن رکنداسين.

Monday, 4 March 2013

سنڌ جي امر شهيدن جي چاليهي جي جلسي جا تفصيل ـ روپلو آريسر

ها اها حقيقت آهي ته وطن جي آزادي لاءِ شهيد ٿيندڙن جو رت قومن ۾ اتساهه پيدا ڪندو آهي ۽ انهن شهادتن ءِ قربانين مان قومون منزلون ماڻينديون آهن شهدادڪوٽ ۾ 5 جون تي سنڌ جي امر شهيدن جو چاليهو ٿي گذريو سنڌ جي امر شهيدن جي عظيم قرباني جتي سنڌ جي آزادي پسندن کي گڏ ويهڻ تي مجبور ڪيو آهي اتي وري سنڌ قوم اندر آزادي پسندن ڏانهن پنهنجا سٺا رويا به قائم ڪرايا آهن هر سنڌ ماڻهو جو ويساهه هاڻي قومي تحريڪ ڏانهن بحال ٿيو آهي هاڻي سنڌي سوچين ٿا ته هي جيڪي ڪونڌر ڪسجڻ لاءِ تيار ٿيو بيٺا آهن هي راڻا جيڪي سينا سهايو بيٺا اهي وطن لاءِ آزادي جي مومل کي ضرور ماڻيندا.چاليهي جي جلسي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين جا قومي ڪارڪن تيز گرمي جي موسم ۾ پنهنجي محبوب اڳواڻن سان سندن واٽ تي هلڻ جو وچن۽ اقرار ڪرڻ لاء اچي گڏ ٿيا،پنڊال هزارين ڪارڪنن سان ڀرجي ويو سڀئي ڪارڪن جسمم اڳواڻن لالا اسلم پٺاڻ،ڊاڪٽر زين،سجاد شر،حفيظ هڪڙو ۽ شبير ملاح جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ ويا ۽ اتي گلن جي چادر چاڙهي..اتي جذباتي مڻظر ٿي ويا گولين جي گونجار ٿي وئي مسلسل اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ هلندي رهي ۽ فائرنگ دوران نوجوانن پنهنجي محبوب اڳوڻن جي پلاند ڪرڻ جا نعرا هنيا ۽ آزادي جو سهڻو ڍنگ گوريلا جنگ جا نعرا پڻ هنيا.مزار تان حاضري بعد پنڊال ۾ سڀ واپس آيا ۽ جلسي جي شروعات قومي ترانيسان ڪئي وئي.جلسي ۾ جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ جسقم جو چيئرمين عبدالواحد آريسر،جسقم جو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي قومي شاعر راشد مورائي،شهيد روپلي جو والد عبدالستار چولياڻي.شهيد نورالله جو والد،شهيد سرائي قربان جا ٻئي پٽ شير ءِ زين کهاوڙ،جساف جو چيئرمين حفيظ پيرزادو.جساف جو صدر حبيب ڀٽو،قومي اڳواڻ استاد محمد راهمون.شهيد حاجي نوناري جي گهر واري ڊاڪٽر زرينا نوناري،قومي اڳواڻ اسلم خيرپوري،نواز خان زنئور،ساگر حنيف بڙدي،جسمم جا ڊاڪٽر زين،سجاد شر،حفيظ هڪڙو،شبير ملاح،بشير آريسر،عمران لغاري پريم امراڻِي ۽ ٻيا مهمان آيل هئا..جلسي ۾ آجياڻو بشير آريسر طرفان ڏنو ويو،جلسي ۾ جڏهن شهيد نورالله تنيو جي والد تقرير ڪري نعرا هنيا تنهنجو ديش منهنجو ديش سنڌو ديش سنڌو ديش،شفيع برفت زندهه آباد ته ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ نعرن جي گونج شهادڪوٽ جي هوائن ۾ رقص ڪرڻ لڳي.شهيد سرائي قربان جي ننڍڙي پٽ شير کهاوڙ مائيڪ تان زوردا نعرا هڻايا ته سڄو پنڊال اٿي بيهي رهيو ۽ ننڍڙي جي نعرن شهيد توسان آ وچن پلئ ڪندس پلئه ڪندس جي نعرن سان هم آواز ٿي ويا،۽ قومي شاعر راشد مورائي شهيدن کي بيتن وسيلي ڀيٽا ڏني،پنڊال ۾ هڪ ڏينهن اڳ بم ڌماڪن جي ڪيسن مان آزاد ٿيل جسمم اڳواڻ صاحب خان گهوٽو ۽ لعل بخش گهوٽو جڏهن اسٽيج تي آيا ته تاڙين جو زوردار آواز سندن جرئت ۽ زندانن کي شڪست ڏيڻ تي کين قومي سلامي ڏني ۽ ٻنهي اڳواڻن کي اجرڪون پارايو ويون،پروگرام ۾ شهيدن جي تقريرن جا ٽڪرا سي ڊي ذريعي ٻڌرايا ويا ته جذباتي مڻظر ٿي ويو ۽ سڀ شهيدن کي ياد ڪري خاموش ٿي ويا ۽ سڄي پنڊال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي،جڏهن شهيد پنجابين هٿان قتل ٿيل قومي اڳواڻ شهيد حاجي نوناري جي گهر واري ڊاڪٽر زرينا نوناري اسٽيج تي تقرير ۾ چيو ته هاڻي احتجاجن جو وقت ناهي هاڻي ويڙهه ڪرڻ پوندي ته هزارين نوجوانن ويلڪم ويلڪم درياءِ خانويلڪم جا نعرا هنيا ۽ جنگ ڪرڻ جا نعرا هنيا.اسٽيج تي ڳالهائيندي شبير ملاح چيو ته اسان ڀيڻ ڊاڪٽر زرينا سان شهيد سرائي قربان ۽ شهيد روپلي پاران شهادت کان 4 ڏينهن اڳ سندس مڙس ۽ قومي اڳواڻ حاجي نوناري جي پلاند جو جيڪو وچن ڪيو هو اسان انهن شهيد جي ٿيل هر ڳالهه کي پاڙينداسين ۽ اسان وچن ٿا ڪيون ته شهيد حاجي نوناري جو پلاندهر حالت ۾ ڪنداسين.جلسي ۾ جسمم پاران پارٽي جو ميگزين کاهوڙي ورهايو ويو ۽ شهيد جي تقرين تي مشتمل سي ڊي به ورهائي وئي،جسمم جي مرڪزي قائم مقام جنر سيڪريٽري خطاب ڪندي چيو ت اسان شهيد جا پلاند ڪنداسين ۽ ايجنسين وارن جو حشر اهڙو ڪنداسين جو هنن جا لاش ڊي اين اي ٽيسٽن بعد به سڃاڻپ ۾ نه ايندا،جلسي دوران وقفي وقفي سان فائرنگ ٿيندي رهي ۽ پنڊال ۾ هزارين ماڻهن جي هئڻ سبب ماڻهن جو سمنڊ نظر اچي رهيوهو،جلسي ۾ جسمم چيئرمين شفيع برفت جو موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ چيئرمين صاحب چيو ته شهيدن جي رت سنڌ اندر مزاحمت کي منظم ۽ مضبو ط ڪيو آهي هنن جي قرباني عظيم قرباني آهي. جلد شهيدن جو حساب رياست کان ورتو ويندو،انهي کانپوء جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر خطاب ڪندي چيو ته هنن شهيدن قوم کي منزل طرف وڃڻ جو رستو ڏنو آهي شهيد نورلله تنيو دودو سومرو ۽ روپلي ڪولهي کان وڌيڪ بهادري ڏيکاري نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي.صدارتي خطاب جسمم جي سينيئروائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته شهادتون قومن کي منزل طرف وٺي وينديون آهن هن شهيدن بعد هاڻي جسمم جي سڄي قيادت قربان ٿيڻ لاء تيار آهي اسان قربانيون ڏئي وطن جي آزادي حاصل ڪنداسين.جلسي جي ختم ٿيڻ بعد ڪارڪنن کي ماني کارائي وئي..
روپلو آريسر

جسمم ۾ يڪجاءِ ٿيندڙن جسقم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

 جسمم ۾ يڪجاءِ ٿيندڙن جسقم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

معزز صحافي ڀائرو، قومي ڪارڪنو ۽ ساٿيو،
جيئي سنڌو ديش ، جيئي سائين جي ايم سيد
صحافي ڀائرو:
اڄ مان پنھنجي سياسي دوستن ۽ ساٿين سميت جنھن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي باڊي جا عھديدار ، جيئمسٽ ڪائونسل جا اڳواڻ ۽ سموري سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي ذميوار دوستن سميت جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ ” يڪجاءِ“ ٿيڻ جو اعلان ٿو ڪريان ۽ ان سان گڏوگڏ اھا وضاحت پڻ ڪندو ھلندس ته منھنجي ۽ منھنجي دوستن جي ھيءِ پريس ڪانفرنس سنڌ جي قوم پرست سياسي تاريخ ۾ شايد اھا پھرين پريس ڪانفرنس ھوندي، جنھن ۾ اسان ڪنھن به اڳواڻ ۽ دوست تي ڪابه شخصي ، سماجي ، اخلاقي ۽ مفني الزام تراشي ڪرڻ کانسواءِ انتھائي پنھنجائپ وارين روايتن ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي برقرار رکندي الوداع چئي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت جو اعلان ڪري رھيا آھيون.
معزز صحافي ڀائرو:
      توھان جي ميڊيا ان ڳالھ جي چٽي گواھ آھي ته ھن کان اڳ جڏھن به ۽ جتي ھڪ سياسي ڌر کي الوداع چئي ڪنھن ٻي سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي ته ان کان اڳ انھن فردن يا گروھن طرفان ھڪ ٻئي مٿان اوچتو رات پيٽ ۾ بي پناھ الزام تراشين ۽ بھتانن وارو ڪردار ڪشين جو وڏو طوفان کڙو ڪري وڏي ڄنڊاپٽ  ۽ سياسي بدنظمي پيدا ڪري پوءِ ھڪ ٻئي کي ڇڏيو ھوندو. پر اسين ھتي ان سياسي ، منفي روايت کي ڌڪاريندي پنھنجي انھن ساٿين ۽ اڳواڻ کان موڪلايون ٿا جن سان گڏجي اسان ڪجھ وقت سياست ڪئي آھي. انھي جذبي اتساھ ۽ اميد سان ته قومي سياست جي ڪنھن موڙ تي اسان اڳتي ھلي ھڪ ٻئي جا اتحادي ۽ ڀرجھلا ٿي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته اسان جي چھرن تي ڪابه پريشاني ۽ پيشماني نه ھجي.
معزز صحافي ڀائرو:
بنيادي سبب ۽ ڪارڻ جنھن جي ڪري اسان اڄ پنھنجي پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ کان الوداع ٿي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھيون ، جيڪو اسان سميت سنڌ جي سمورن سياسي قومي ڪارڪنن جي اڳيان ھڪ سوال جي صورت ۾ پئي رھيو آھي، اھو آھي ” قومي فڪر کي انقلابي حڪمت عملي ڏيڻ جو سوال“ جيئن ته سنڌ جي قومي تحريڪ فڪِر جي ايم سيد کي گھڻي وقت کان فڪري بنيادن سان ملندڙ ۽ ٺھندڙ حڪمت عملي ڏيڻ ۾ ڪامياب تن ويئي ھئي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو سنڌ ۾ قومي تحريڪ صرف اھي گھربل نتيجا نه ڏئي سگھي آھي پر قومي ڪارڪنن ۾ اتساھ ۽ جذبي جو فقدان پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سنڌي قوم پنھنجون ھمدرديون ، اميدون ۽ مجموعي دعائون جيڪي ھو سائين جي ايم سيد کي ڏيندا ھئا پر قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ جھول ۽ انقلابي حڪمت عملين ۽ تدبيرن کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪرڻ سبب قوم پرست سياست عام سنڌي ذھني ۽ دلي طرح ڄڻ مڪمل طرح ڳنڍجي نه سگھيا ھئا. مان ھتي ڪنھن به فرد تي ان جو الزام ھڻڻ ۽ تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪندي ، صرف انھن اصولن جي وضاحت ڪرڻ ٿو چاھيان ته ماضي ۾ اسان سمورن قومپرستن اڳواڻن کان جيڪي جھول ۽ ڪمزوريون ٿيون ھيون ھڪ وقت اھڙو آيو جڏھن توھان صحافي دوست سميت سموري سنڌ جا قومي ڪارڪن باشعور سنڌين کي اھو چٽو ۽ واضح نظر اچڻ لڳو ته ھاڻ سنڌ جي اندر قومي آزادي جي ھڪ سنجيده ، انقلابي ۽ قرباني سان ڀرپور جدوجھد جي اميد پيدا ٿي ۽ اھڙي اميد جيئي سنڌ متحدا محاذ ۽ ان جي قيادت طرفان قومي آزادي لاءِ قومي مزاحمت تي انتھائي دانشمندي ، بھادري ۽ ثابت قدمي سان بيھي ڏيکارڻ واري عمل ۽ جذبي تحت پيدا ٿي ۽ سموري سنڌ جي باشعور سنڌين کي اھو محسوس ٿيو ته جيئي سنڌ متحدا محاذ اھا واحد سياسي ڌر ٿي سامھون آئي جنھن انقلابي مزاج ، عمل ، ڪردار ۽ ڪلچر سموري سنڌ کي نه صرف ھڪ بھادر ۽ غير متنازعه قيادت فراھم ڪئي پر قومي ڪارڪنن کي فڪر جي ايم سيد تي پختگيءَ سان بيھاريندي جدوجھد جي اھڙن پيچرن تي ھلائڻ جو حڪم ڏنو. جنھن تي دنيا جي سمورين قومي آزادي جي تحريڪن ۽ انقلابي پارٽين جا ڪارڪن ڄمي بيھندا آھن. نتيجي ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي خلاف ان فڪري سچائي ۽ جدوجھد تي ثابت قدم ٿي بيھڻ سبب رياستي ادارا مٿن ڏمر جي پيا قومي تحريڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ۽ سنڌ جي ويجھڙا واري تاريخ ۾ حُر تحريڪ کان پوءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سنيئر وائيس چيئرمين محترم سميع الله ڪلھوڙي کي شھيد ٿيو، جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت مظفر ڀٽو شبير ملاح ۽ ٻين جي روپ ۾ رياستي عتابن گرفتارين گمشدگين ۽ ٽراچر جي حوالي ڪئي وئي.سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ھڪ ٻيو مثال اھو پڻ سامھون آيو جو رياستي ادارن جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت جي سر جي قيمت ڪروڙين رپيا مقرر ڪئي کين قومي سياست ۽ قومرست ڪيڊر کان پري رکڻ جي سازش آءِ ايس آءِ طرفان ڪئي وئي.
معزز دوستو،
اھا ھڪ اھڙي صورتحال ھي جنھن ۾ پھريون پھريون سموري سنڌ جي باشعور فردن جي دلين جي دڙڪڻ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي دوستلاءِ دڙڪڻ لڳي . سموري سنڌ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت ۽ لاپتا دوستن کي سنڌ جي حلالي پُٽن جو درجو ڏيڻ لڳي ، جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سياسي قومي ۽ مزاحمتي جدوجھد جي ترزي واردو ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ميڊيا معرت پھريون ڀيرو سنڌو ديش لبريشن آرمي جو نالو پڻ ٻڌو.جنھن سموري سنڌ جي نوجان قپمي ڪارڪنن جي خوني گرمائي ۽ جذبن کي توانائي بخشي ڇڏي، ڇو ته رياست خران جيئي سنڌ متحدا محاذ خلاف اختيار ڪيل ان آپريشن جي پويان انھن سمورين انقلابي گوريلا ڪارواين ۽ رياست مخالف حقيقي سرگرمين کي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي اڳواڻن سان منسوب پئي ڪيو ويو. جنھن جي ڪري پڻ سنڌ ئي خواب ڏسڻ شروع ڪيا ته ھاڻي غلامي جا زنجير ڄاڻ ٽٽڻ وارا آھن ۽ اھڙن خوابن ۾ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن سان اسان جا جذبا پڻ شامل ھئا. اھو ئي سبب آھي جو اڄ ان نتيجي تي پھتا آھيون ھڪ اھڙي پارٽي جيڪا پنھنجي قول ۽ فعل ۾ ھم آھنگين جي لازوال تاريخ ۽ مثال رکي ٿي. ھڪ اھڙي قيادت جيڪا روپوش رھي نفسياتي ۽ اعصابي جنگ ۾ پڻ رياست کي مات ڏئي سگھي ٿي ، ھڪ اھڙي ڌر جنھن کي سنڌ جي قومي آزادي جي شھيدن جو قافلو سمجھيو وڃي ٿو. ان ڌر کي مضبوط ڪرڻ واري فيصلي سان اسان سمورن دوستن جو ذھن ۽ ضمير مخمئن آھي ان ڪري اڄ اسان جيئي سنڌ متحدا محاذ  ۾ باضابطه شموليت جو اعلان ڪري رھيا آھيون.
معزز صحافي ڀائرو:
مان پنھنجي سمورن ساٿين جي روبرو توھان اڳيان ھڪ ڀيرو ٻيھر وضاحت ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو ته اسان جي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت جو مطلب ڪنھن به فرد يا ڌر جي خلاف نه سمجھيو وڃي ، اسان سڀ دوست ان سادي اصول تي عمل ڪريون ٿا ته سنڌ جي مفاد لاءِ جيڪو ڪجھ لازمي ۽ ضروري آھي اھو ڪرڻ گھرجي.
آخر ۾ مان انھن سمورن قومي ڪارڪنن کي جيڪي قومي آزادي لاءِ قومي مزاحمت ۽ انقلابي حڪمت عملي کي درست سمجھن ٿا، انھن کي پڻ اپيل ڪندس ته ھو جيئي سنڌ متحدا محاذ پنھنجي عملي جدوجھد ۾ ثابت ڪيو آھي ته ھو ھڪ انقلابي پارٽي آھي . آخر ۾ آئون ھي ٻه لفظ چئي پريس ڪانفرنس ختم ڪندس ته منھنجن سمورن دوستن سميت منھنجو ھي سِر سنڌ جي امانت آھي جنھن کي عزت سان قربان ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت ڪري رھيو آھيان.
”منھنجي ڌرتي جي پھاڙن کي چئو ، 
ھا اڃان اوچا رھن ڇو ته منھنجو ڪنڌ جھڪڻو ڪونه آ ....!“

توھان سمورن دوستن جي مھرباني
سنڌو ديش زنده آباد قوم پرست زنده آباد
شموليت ڪندڙ:
سرائي قربان کھاوڙ، لالا اسلم پٺاڻ ، خفيظ آزاد ھڪڙو، ذوالفقار ڪولاچي ، لال بخش گھوٽو، ستار ھڪڙو ، روپلو چولياڻي ، وحيد مراد سيال ،ڊاڪٽر نظير سولنگي ، سجاد شر، حفيظ پيرزادو، سھيل ڀٽي ۽ ٻيا ضلعن ۽ تعلقن جا اڳواڻ.

Sunday, 3 March 2013

بادلو بوند ڪا .......... اعجاز منگي


هو اهڙي پار جي پهرين يا پوئين سرحد تي سڙي رک ٿيا، جتي اڪثر لوڪ انهن بادلن تي گيت لکندا آهن، جن جي باري ۾ صرف ديوتائن کي ئي پتو هوندو آهي ته هو ڪٿان اچن ٿا ۽ ڪٿي وڃن ٿا؟ اتان جا ماڻهو ته صرف التجا ڀريل اکڙين سان انهن ڪڪوريل ڪڪرن کي تڪيندي مترنم انداز سان اهي منٿون ڪندا رهندا آهن ته:
”بادلو بادلو، اڄ ته برسي پئو
رات ترسي پئو هن بيابان ۾“
پر نه هو رات جو اهڙو اويلو پهر هو، جڏهن مقامن ۾ بيٺل اداس روحن جهڙن وڻن جي ٽارين تي ويٺل چٻرا چيخون ڪندا آهن ۽ نه وري اهو ڪو حد نظر تائين فطرت جي حيران اک جهڙو بيابان هو!
هو ڏينهن ڏٺي جو، ازل جي اک جهڙي سج هيٺان ساڙيا ويا. هو جيڪي پنهنجن داخلي احساسن ۾ رڻ تي ڦٽيل رابيل هئا. ڪيتيڪي جون ڪليون ۽ مگرن جون مکڙيون هئا!! هونءَ ته هڪ عام پريم ڪهاڻيءَ ۾ گهڻو ڪري محبت جي آگ ٻه جسم ئي جلائيندي آهي پر هيءَ ڪا ٻي آگ هئي، جنهن ۾ ٽي جيئرا انسان جلي رهيا هئا، جيئن لطيف جي بيتن جا اهي پتنگ جليا هئا، جن جي ڪيف ڀريءَ قربانيءَ ڪي قلمبند ڪندي ڀٽائي گهوٽ لکيو هو ته:
”پري پتنگ آئيا، مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا“
سو سچ تي سڙي ويل پروانا هئا. انهن جو سچ اها سنڌ هئي، جنهن جو جلوو انهن سن جي نماشام ۾ ڏٺو هو. هو جن لهندڙ سج جي لا۾تي لڙڪي هڪ نئين سورج اڀارڻ جي تمنا ڪئي هئي. انهن سج اڀار انسانن جي اها تمنا ڪيتري نه قاتل ۽ ڪڙي هئي! اهڙي ڪڙي ۽ قاتل تمنا ته صرف ان سرڪ جي هوندي آهي. اها سرڪ جنهن جي مدهوش مرڪ کي اڀارڻ لاءِ لطيف کي تاريخ جي طوفان ۾ موکيءَ جو مک سريلين سٽن ۾ پينٽ ڪرڻو پيو هو! ۽ ان مئڪدي ۾ ساغر اهڙن ديپن جيان جلاڻا پيا هئا، جن جي روشنيءَ ۾ ڪا موکي ڪجهه متارن کي اها مڌ پيئاري رهي هئي، جنهن جي سرڪ انهن کي هميشه لاءِ ڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ ڪري ڇڏيندي هئي! هو به ڪنهن اهڙي مڌ جا هيراڪ هئا، جيڪا صرف فراق مان فيضياب ٿيل روحن جي حصي ۾ هڪ هڪ قطرو بڻجي ايئن ايندي آهي، جو ان منظر کي نظم بند ڪندي وهامي ويل صديءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز لکيو هو ته:
”اک ساري رات نه جهپڪي آ
۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ
جي باک گهري ٿي بک
ته اي زندان هزارين مان نه رڳو!“
اسان توهان کي ڇا معلوم ته سياسي سوڪهڙي جو شڪار ٿيل سنڌ ۾ ان رات ڪيترن اکڙين ماڻڪن جهڙيون مينهن ڪڻيون وسايون هيون، پنهنجي دريده دامنن مٿان!
اها آنسوئن جي بارش انهن ماڻهن جي لاءِ هئي، جيڪي زندگيءَ جي زندان کي ٽوڙي ڪنهن اڇوتي آزاديءَ جي لاءِ اڏاميا هئا، سنڌ جي گهايل آسمان جي گهٽيل فضائن ۾!
اهو درد جنهن انهن جو چين لٽيو، جنهن انهن انسانن کي باهه جو الو بڻايو، ان جو بيان يا ته لطيف جي دل ڪري سگهي ٿي يا ان آريسر جو دماغ جيڪو هن وقت به يوناني ديومالا جي ان پرندي سمان سياست جي آسمان تي اڏامي رهيو آهي، جيڪو پرندو آتشي ٻوٽين جا ڪک ڪانڊيرا ڪٺا ڪري وڄ کي وينتي ڪندو آهي ته هن جي نشيمن کي جلائي ته جيئن هو سڙي رک بڻجي، وري ان رک مان ٻيو جنم وٺي سگهي. تنظيمن جي باهين مان هر هر اڀريل عبدالواحد آريسر جي اها ڪٿا ته اها ئي آهي، پر سنڌ جي پروانن جي ڪهاڻي ايتري مختصر ناهي. هو جيڪي جرمن فلسفي نٽشي جي ڪردارن وانگر جيئري جليا ۽ انهن جي وجودن مان ڀڙڪي نڪتل باهه ثابت ڪندي رهي ته ”غلاميءَ جي تاريڪي ڪيتري گهاٽي ۽ گهنگهور هوندي آهي“
سرائي قربان کهاوڙ جي سڙي شهيد ٿيڻ جي خبر مون کي ان اسلام آباد ۾ ملي جيڪو اپريل جي ارهي مهيني ۾ به ٽن ڏينهن کان وٺي گجگوڙ ڪندو ۽ وسندو رهيو. هن وقت به جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ جنهن وقت مرگلا پهاڙين جي آلن جهنگن مان اقتداري ايوانن ۾ رهندڙ انسانن جهڙا گدڙ اونائي رهيا آهن ته مون کي اهو ماڻهو شدت سان ياد اچي رهيو آهي، جنهن سان پهريون ۽ پويون ڀيرو مون ان وقت جام ٽڪرايو هو، جنهن وقت آريسر اياز جي ڪنهن گيت جي سرن ۾ سلهاڙجي محبت جي عظيم غلاميءَ جا اسرار پرکي رهيو هو. اڄ مون کي افسوس ٿي رهيو آهي بين القوامي ميڊيا جي ان بدقسمت صحافي خاتون جي قسمت تي جيڪي سرائي قربان جي شرميلين اکين ۾ نهاري، هن کان اهو سوال نه پڇي سگهي ته:
”سرائي! محبت زندگي آهي يا موت؟“
هي فڪر ۽ فلسفا.......هي ڪتاب ۽ ڪڙا ڪجهه به ناهن انهن ماڻهن آڏو جيڪي موت سان داوَ ۾ زندگي رکي راند ڪندا آهن. سوچيندڙ سنڌ کي گهڻي وقت کان وٺي اهو فڪر ورائي ويو هو ته:
”ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان وٽ
ناهه ڪئي گجگوڙ!“
هو جيڪو ڪاغذي شينهن نه هو. هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن نجي چينل تي ڪلڪيوليٽو گجگوڙ جو مظاهرو نه ڪيو. ڇو ته هو سياست جي ان سرڪس جو شينهن نه هو جيڪي ڪرتب ڪري ڏيکاريندا آهن. هن جي آخري گجگوڙ انهن گولين جي ردم تي سڻي وئي جيڪي هٿيارن جي سازن تان منتشر سرن وانگر اڏامنديون آهن.
سنڌ ۾ شهادتن جا اڪيچار مثال موجود آهن. ڪن کي تيرن ۽ تلوارن سان شهيد ڪيو ويو، ڪن کي اڏيءَ تي آڻي ڪٺو ويو. ڪن کي سوريءَ جو سينگار ڪيو ويو. ڪن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. ڪن کي ٽارچر سيلن جي سينواريل ديوارن سان ٽڪرائي ختم ڪيو ويو. ۽ ڪن کي گهاڻن ۾ ايئن پيڙايو ويو جو انهن پنهنجن ڪنن سان پنهنجن ٽٽندڙ هڏڙين جا آواز ٻڌا. پر سنڌ جي اتهاس ۾ شهادت جي هڪ انوکي قرباني اڃان موجود هئي.اها قرباني قربان جي حصي ۾ آئي. سرائي ته سوين، هزارين آهن پر قربان هڪڙو هو.اهو انسان جنهن پنهنجي نالي جي لڄ رکي ۽ قربان ٿي ويو.
ادب، آرٽ، شئر و شائري کان پري پري رهندڙ سنڌ جو اهو پتنگ، اهو پروانو جنهن جي جيري کي هن ديس جي نينهن جا نيزا لڳل هئا، جنهن ڏسي وائسي پاڻ کي انهن آگ ۾ اڇلايو جنهن جي شعلن هن جي سواري کي شمشان بڻائي ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا شاعر ان شمشان جو تزڪرو ڪندا رهيا آهن جنهن جي چتا تي مينهن برسي پوندو آهي پر هن جي چاه چتا تي ڪا به بدلي نه برسي ڪهر جي انهن گهڙي دوران هن مٿان مهر جو ڪڪر نه برسيو.
پر مان صرف انهن ڳالهه جي افسوس ۾ آهيان ته سانگهڙ جي کڙڪندڙ مٽيءَ مٿان جنهن سمئه ڪڙڪندڙ گولين کان پوءِ ڀڙڪندڙ ڀاهه جلائي وئي تڏهن ڪنهن به پار جو ڪوئي به ڪڪر هوا جي هٿ جي آڱر جهلي ان طرف نه آيو جنهن طرف سنڌ جو سرائي قربان کاوڙ ”آگ سنان“ مان گذري ڪنچن بڻجي رهيو هيو ! ۽ اسان ماڻهن جون اکيون ان منظر جي تپش جو تيج به برداشت ڪري نه ٿيون سگهن. اهي ماڻهون سوچي رهيا آهن ته جي ڪڏهن خدا جي آسمان تي ڪي اهڙا ڪڪر نه هئا ته ڇا خدا جي زمين تي ڪي اهڙيون ڪپاريل اکڙيون به نه هيون جن جي هڪ بوند به ڳڙي ها ته هڪ موسلا ڌار برسات ۾ اهو مچ وسامي وڃي هان جنهن ۾ سرائي قربان پنهنجن ساٿين سميت جون آف آرڪ جيان جلايو ويو. هو جيڪو سنڌ جي عشق ۾ ايئن ساڙيو ويو جيئن ڪرانتيڪارن جون مشعلون جلنديون آهن يا جيئن لاتيني آمريڪي جا انقلابي شاعر اندر جي آگ ۾ جلندي اهي شعر لکندا آهن ته:
”THE DAY WE STOP
 BURNING IN THE FIRE OF LOVE
PEOPLE WILL DIE OF THE COLD“
يعني؛ جنهن ڏينهن اسان عشق جي آگ ۾ جلڻ ڇڏي ڏنو تنهن ڏينهن ٿڌ ۾ رهندڙ انسان مري ويندا !
محفوظ سياست جي سردي ۾ گرم چانهن جون چسڪيون پيئندڙ اڳواڻن کي انهن جو جيون مبارڪ !
سنڌ جي وڻن جون سڀ ٽاريون لڏي سرائي قربان ۽ سندس ساٿين کي الوداع چئي رهيون آهن.

Sunday, 10 February 2013

Shaheed Sirai Qurban Khuhawar and his life

Shaheed Sirai Qurban Khuhawar was born in 1970 in ShahdadKot at a family of Land Lord Shamus Al deen Khuhawar. He completed his primary education at his native town and then accomplished his Bachelors from Karachi University, after bachelor he went for Masters to Sindh University.
Since from his early life he had worded for the betterment of people and served local masses in social sector especially in education and health. He has done a remarkable role in this regard.
Along these activities he became Socio-Political activists and founded a Social forum under the banner Shahdad Kot Shairi Ithad and become its first president, He sponsored a labor union and worked for the unity of labor and their betterment.
He played a key role in the social, human and legal rights of the citizens, once when two youth of Shahdad Kot Sadam Hussain and Kapil Deve kidnapped he tried his best to released them safely, this was the era when a entered to serious mode of life, he felt at the moment that if we want peace and justice for all in full society we must have to play a key role in the politics of suppressed people.
He got u turn of his life from social activities to political activities and become a active member of Jeay Sindh Students Federation (JSSF). He started the study of books of Sain G.M Syad and got inspired deeply. Later on he become the General Secretary of JSSF and reached to the senior vice chairman of JSQM after some time. He also elected he chairman of central election committee of 9 (JSSF) as well as (JSQM).
During his political carrier when some sort of differences erupted between Abdul Wahid Aresaar and Bashir Khan Qureshi, he becomes an organizer of an organizing committee which had been established for the resolution of the issue.
Later on the resolution of the issue Abdul Wahid Aresaar and Bashir Khan Qureshi separated from each other went to organized their own organizations under the different titles; Shaheed Sirai Qurban Khwar joined the (JSQM) Aresser and worked with him till two years in capacity of senior vice chairman.

During is period of his political carrier he managed the freedom march from larkana to sun, protests in Karachi, Larkana, Shahdad Kot and so many other cities of Sindh against the settlement of illegal immigrants in Sindh under the shadow of establishment to convert Sindhies into minority in their Mother Land Sindh. He organized several demonstrations against Kala Bagh Dam throughout Sindh. He headed the delegation of (JSQM) to Islam Abad for the release of Dr. Safadar Sariki and to discuss on several other serious issues of Sindh with authorities of United Nations and to produce a memorandum to the Consulates of the different countries. He worked hard to achieve the purpose and done a good job.
In 2009 Shaheed Sirai Qurban Khwar took a extreme decision of his political carrier he left the (JSQM) Bashir Khan Qureshi and joined the (JSMM) Shafi Muhammad Burfat and elected as a vice chairman also, he worked at the post till his last days of life when he burned alive with his colleges Rooplo Cholyani and Noorallah Tunio near district Sanghar by the agencies of the terrorist state.

He married in 1987 and left five daughters, two sons and a wife in his core family to morn, his two sons are in primary education while his older daughter Dr. Pirah Khuhawar Studies at Chandka Medical Collage Larkana

He served the Nation his whole life and worked hard day and night, he lived a struggle full life and never remained calm and cool he did not liked to demise of bad instead he ever liked a death in war so he fought for his mother land and on 21 April 2011 he killed along with his two colleges by state terrorist near by Khpro Road Sangher.
He provide his words not to die on bad, He lived gloriously and died legendary.