Friday, 26 April 2013

باکوڙي موري جي شهيدن جي ورسي جو ڏينهن – سڙيا مٿي سچ (روپلو آريسر)



اپريل جي 21 تاريخ جو اهو بد نصيب ڏينهن ڪيئن ٿو وسري سگهي جڏهن سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو،نرالو ۽ هانءَ ڏاريندڙ واقعو ٿيو.سانگهڙ جي سرزمين جتي سورهيه بادشاهه انگريز سامراج کي للڪاريو هو ۽ هزارين حرن پنهنجي رت جو ريج ڏئي غلامي جي ڪارن بادلن کي پنهنجي ڌرتي تان هٽائڻ لاء جنگ ڪئي هئي ان ئي سرزمين تي جڏهن انقلاب جو ٻوٽو سڪڻ لڳو ته سرائي قربان ساٿين سميت پنهنجي رت جي ريج سان ان ٻوٽي کي سائو ڪرڻ پهتو،سرائي قربان ته لطيف جي بيتن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪردار هيو ۽ هن عزت واري موت حاصل ڪرڻ وارو رستو پنهنجو پاڻ لاء ائين طئي ڪري ڇڏيو هو جيئن ڪي پنهنجي موت جي چونڊ پاڻ ڪندا آهن.

هن جي عجيب طبيعت هئي ڪيڏي به پريشاني هجي ڪيڏو به وڏو مسئلو هجي ته پر هن جي خوبصورت چهري تان مرڪ ڪو به کسي نه سگهيو هو.شهادت کان.ٽي ڏينهن اڳ هن مون سان ڪچهري ڪئي هئي پنهنجي رستي جي چونڊ مان پر اميد هي شخص حوصلن ۾ هماليه جبل کي به مات ڏيو ويٺو هو ۽ هو رات ڏينهن هڪ ڪري سنڌ جا سمورا پنڌ پيچرا لتاڙي عظيم مقصد واري جدوجهد ۾ اڻ ٿڪ ڪردار بڻجي ويو ۽ جڏهن ڪنهن دوست چيس ته سائين سڄو ڏينهن سياسي ڪم ڪري ٿڪجو نٿا ته رني ڪوٽ جي هن رکوال چيو ته آرام وڃي ڌرتي ماءَ جي هنج ۾ وڃي ڪنداسين تڏهن لطيف جون هي سٽون ٺهه پهه ذهن تي تري آيون،

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڄي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين

باکوڙي موري جيڪا مون اڳ ڪڏهن نه ٻڌي هئي نه ڏٺي هئي پر هاڻ جيسين ساهن جو سلسلو رهندو تيسين تائين ڪڏهن به نه وسرندي ان باکوڙي موري وٽ ڪار ۾ سوار سنڌين جي محبوب اڳواڻن کي سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ نه صرف گولين سان پروڻ ڪيو پر پوء انهن زندهه ماڻهن کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ننگي وحشيت ۽ بربريت جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو،

شرعي قانونن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪئي وئي،چار ڳڀرو نوجوان سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ زندهه ساڙيا ويا.

موت ته برحق هر ڪنهن کي اچڻو آحي ڪائنات ۾ جيڪا به شئي وجود ۾ آئي ان جو انت ان جي خاتمي سان ٿيڻو آهي پر ڪي عمل ۽ ڪي شخص نه وسرندڙ باب بڻجي ويندا آحن تاريخ جو بي رحم ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي پر اهي ماڻهو قومن جو اهڃاڻ بڻجي هر نسل جي رهنمائي ڪندا آهن..

انهن عملن ته موت جي ننڍ سمهندڙ کي نئين حياتي نئين زندگي ۽ نئون جنم ڏئي ڇڏيو جيڪو ختم ناهي ٿيڻو ها جيسين تائين هي ڌرتي ۽ هن قوم جو وجود آهي اهي ڪردار نه مٽجندڙ ۽ نه وسرجندڙ ڪردار بڻجي چڪا آهن…

سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي ڪار ۾ گوليون هڻي زندهه ساڙڻ وارن اهو سوچيو هوندو ته هي شخص ختم ٿي ويا پر شايد ساڳئي هنن کي خبر نه هئي ته هنن جي زندگي ۽ حيات جو سلسلو ته شروع ئي هاڻ ٿيو آهي،

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيان نه مات،

هوندا سي حيات جيئڻا اڳي سي جيئا،

باکوڙي موري ۽ سڙيل ڪار ۽ ان ڪار اندر هڏين جو ڳٺڙيون نه صرف سالن تائين پر صدين تائين بهادر.جرئت،غيرت ۽ عشق جي اهڃاڻ طور سڃاتا ويندا.۽ ها واقعي هي واقعو بهادري جي لافاني مثال آهي سڙيل گاڏي ۾ اڌ مان مٿي سڙيل جسم سان جڏهن نورالله تنيو ٻاهر ٿو نڪري تڏهن به هو نعرا ٿو هڻي ۽ 70 سيڪڙو جسم سڙيل هي ڳڀرو نوجوانن ميڊيا کي بهادري ۽ بردباري سان انٽرويو ڏئي قاتلن ۽ چهرن تي نقاب چڙهلين جا نقاب لاهي کين دنيا آڏو پڌرو ڪري ٿو.

مون مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت سندس هڏين جا ٽرڪاٽ ته نه ٻڌا هئا پر ها سڄو جسم سڙيل نورالله تنيو جي چهري تي جڏهن جسم سڙيل باوجود سندس مرڪ ڏٺم ۽ سندس حوصلو ڏٺم تڏهن ويساهه ٿي ويو ته واقعي عشق وڏي ڳالهه آهي ۽ مخدوم بلاول به ائين ئي مرڪي عشق جي امتحان مان پار پيو هوندو.

لطيف سرڪار ئي انهن آزادي جي پتنگن لاء چيو آهي جيڪي سنڌوديش جي سچ جي ٻريل مچ مٿان سڙي قربان ٿيا،

پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،

پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا.

ها جڏهن جسم ۾ ڀريل ۽ خوبصورت نوجوانن جا لاش ڏسڻ لاء شهدادڪوٽ ۾ اسان ايمبولينس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ته اسان کي خبر نه هئي ته آخري ديدار به نصيب ن ٿيندا ۽ اسان سرائي جي چپن تي آخري مرڪ به نه ڏسي سگهنداسين ايمبولينس مان جئين لاش ڪڍيا ويا منهنجو هانءُ ڇڄي پيو، سرائي قربان جهڙي قدآور شخص جو لاش ڪپڙي جي ڳٺڙي ۾ ڏٺو ته بدين مان ساهه کي نڪري ويو اندر ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي مچ دُکي ويا.ڇا ڪنهن انسان کي جيئرو ساڙڻ وارن کي انسانيت جي دائري ۾ رکي سگهجي ٿو؟؟ ۽ ان وقت ئي پنهني ضمير سان وچن ڪيم ته پنهنجي محبوب دوستن جي قربانين جو تسلسل بڻجي شهيدن پاران رت ڏئي ٻاريل شمع کي پنهنجي رت سان روشن رکنداسين.

No comments:

Post a Comment