هو
اهڙي پار جي پهرين يا پوئين سرحد تي سڙي رک ٿيا، جتي اڪثر لوڪ انهن بادلن
تي گيت لکندا آهن، جن جي باري ۾ صرف ديوتائن کي ئي پتو هوندو آهي ته هو
ڪٿان اچن ٿا ۽ ڪٿي وڃن ٿا؟ اتان جا ماڻهو ته صرف التجا ڀريل اکڙين سان انهن
ڪڪوريل ڪڪرن کي تڪيندي مترنم انداز سان اهي منٿون ڪندا رهندا آهن ته:
”بادلو بادلو، اڄ ته برسي پئو
رات ترسي پئو هن بيابان ۾“
پر نه هو رات جو اهڙو اويلو پهر هو، جڏهن مقامن ۾ بيٺل اداس روحن جهڙن وڻن جي ٽارين تي ويٺل چٻرا چيخون ڪندا آهن ۽ نه وري اهو ڪو حد نظر تائين فطرت جي حيران اک جهڙو بيابان هو!
هو ڏينهن ڏٺي جو، ازل جي اک جهڙي سج هيٺان ساڙيا ويا. هو جيڪي پنهنجن داخلي احساسن ۾ رڻ تي ڦٽيل رابيل هئا. ڪيتيڪي جون ڪليون ۽ مگرن جون مکڙيون هئا!! هونءَ ته هڪ عام پريم ڪهاڻيءَ ۾ گهڻو ڪري محبت جي آگ ٻه جسم ئي جلائيندي آهي پر هيءَ ڪا ٻي آگ هئي، جنهن ۾ ٽي جيئرا انسان جلي رهيا هئا، جيئن لطيف جي بيتن جا اهي پتنگ جليا هئا، جن جي ڪيف ڀريءَ قربانيءَ ڪي قلمبند ڪندي ڀٽائي گهوٽ لکيو هو ته:
”پري پتنگ آئيا، مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا“
سو سچ تي سڙي ويل پروانا هئا. انهن جو سچ اها سنڌ هئي، جنهن جو جلوو انهن سن جي نماشام ۾ ڏٺو هو. هو جن لهندڙ سج جي لا۾تي لڙڪي هڪ نئين سورج اڀارڻ جي تمنا ڪئي هئي. انهن سج اڀار انسانن جي اها تمنا ڪيتري نه قاتل ۽ ڪڙي هئي! اهڙي ڪڙي ۽ قاتل تمنا ته صرف ان سرڪ جي هوندي آهي. اها سرڪ جنهن جي مدهوش مرڪ کي اڀارڻ لاءِ لطيف کي تاريخ جي طوفان ۾ موکيءَ جو مک سريلين سٽن ۾ پينٽ ڪرڻو پيو هو! ۽ ان مئڪدي ۾ ساغر اهڙن ديپن جيان جلاڻا پيا هئا، جن جي روشنيءَ ۾ ڪا موکي ڪجهه متارن کي اها مڌ پيئاري رهي هئي، جنهن جي سرڪ انهن کي هميشه لاءِ ڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ ڪري ڇڏيندي هئي! هو به ڪنهن اهڙي مڌ جا هيراڪ هئا، جيڪا صرف فراق مان فيضياب ٿيل روحن جي حصي ۾ هڪ هڪ قطرو بڻجي ايئن ايندي آهي، جو ان منظر کي نظم بند ڪندي وهامي ويل صديءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز لکيو هو ته:
”اک ساري رات نه جهپڪي آ
۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ
جي باک گهري ٿي بک
ته اي زندان هزارين مان نه رڳو!“
اسان توهان کي ڇا معلوم ته سياسي سوڪهڙي جو شڪار ٿيل سنڌ ۾ ان رات ڪيترن اکڙين ماڻڪن جهڙيون مينهن ڪڻيون وسايون هيون، پنهنجي دريده دامنن مٿان!
اها آنسوئن جي بارش انهن ماڻهن جي لاءِ هئي، جيڪي زندگيءَ جي زندان کي ٽوڙي ڪنهن اڇوتي آزاديءَ جي لاءِ اڏاميا هئا، سنڌ جي گهايل آسمان جي گهٽيل فضائن ۾!
اهو درد جنهن انهن جو چين لٽيو، جنهن انهن انسانن کي باهه جو الو بڻايو، ان جو بيان يا ته لطيف جي دل ڪري سگهي ٿي يا ان آريسر جو دماغ جيڪو هن وقت به يوناني ديومالا جي ان پرندي سمان سياست جي آسمان تي اڏامي رهيو آهي، جيڪو پرندو آتشي ٻوٽين جا ڪک ڪانڊيرا ڪٺا ڪري وڄ کي وينتي ڪندو آهي ته هن جي نشيمن کي جلائي ته جيئن هو سڙي رک بڻجي، وري ان رک مان ٻيو جنم وٺي سگهي. تنظيمن جي باهين مان هر هر اڀريل عبدالواحد آريسر جي اها ڪٿا ته اها ئي آهي، پر سنڌ جي پروانن جي ڪهاڻي ايتري مختصر ناهي. هو جيڪي جرمن فلسفي نٽشي جي ڪردارن وانگر جيئري جليا ۽ انهن جي وجودن مان ڀڙڪي نڪتل باهه ثابت ڪندي رهي ته ”غلاميءَ جي تاريڪي ڪيتري گهاٽي ۽ گهنگهور هوندي آهي“
سرائي قربان کهاوڙ جي سڙي شهيد ٿيڻ جي خبر مون کي ان اسلام آباد ۾ ملي جيڪو اپريل جي ارهي مهيني ۾ به ٽن ڏينهن کان وٺي گجگوڙ ڪندو ۽ وسندو رهيو. هن وقت به جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ جنهن وقت مرگلا پهاڙين جي آلن جهنگن مان اقتداري ايوانن ۾ رهندڙ انسانن جهڙا گدڙ اونائي رهيا آهن ته مون کي اهو ماڻهو شدت سان ياد اچي رهيو آهي، جنهن سان پهريون ۽ پويون ڀيرو مون ان وقت جام ٽڪرايو هو، جنهن وقت آريسر اياز جي ڪنهن گيت جي سرن ۾ سلهاڙجي محبت جي عظيم غلاميءَ جا اسرار پرکي رهيو هو. اڄ مون کي افسوس ٿي رهيو آهي بين القوامي ميڊيا جي ان بدقسمت صحافي خاتون جي قسمت تي جيڪي سرائي قربان جي شرميلين اکين ۾ نهاري، هن کان اهو سوال نه پڇي سگهي ته:
”سرائي! محبت زندگي آهي يا موت؟“
هي فڪر ۽ فلسفا.......هي ڪتاب ۽ ڪڙا ڪجهه به ناهن انهن ماڻهن آڏو جيڪي موت سان داوَ ۾ زندگي رکي راند ڪندا آهن. سوچيندڙ سنڌ کي گهڻي وقت کان وٺي اهو فڪر ورائي ويو هو ته:
”ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان وٽ
ناهه ڪئي گجگوڙ!“
هو جيڪو ڪاغذي شينهن نه هو. هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن نجي چينل تي ڪلڪيوليٽو گجگوڙ جو مظاهرو نه ڪيو. ڇو ته هو سياست جي ان سرڪس جو شينهن نه هو جيڪي ڪرتب ڪري ڏيکاريندا آهن. هن جي آخري گجگوڙ انهن گولين جي ردم تي سڻي وئي جيڪي هٿيارن جي سازن تان منتشر سرن وانگر اڏامنديون آهن.
سنڌ ۾ شهادتن جا اڪيچار مثال موجود آهن. ڪن کي تيرن ۽ تلوارن سان شهيد ڪيو ويو، ڪن کي اڏيءَ تي آڻي ڪٺو ويو. ڪن کي سوريءَ جو سينگار ڪيو ويو. ڪن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. ڪن کي ٽارچر سيلن جي سينواريل ديوارن سان ٽڪرائي ختم ڪيو ويو. ۽ ڪن کي گهاڻن ۾ ايئن پيڙايو ويو جو انهن پنهنجن ڪنن سان پنهنجن ٽٽندڙ هڏڙين جا آواز ٻڌا. پر سنڌ جي اتهاس ۾ شهادت جي هڪ انوکي قرباني اڃان موجود هئي.اها قرباني قربان جي حصي ۾ آئي. سرائي ته سوين، هزارين آهن پر قربان هڪڙو هو.اهو انسان جنهن پنهنجي نالي جي لڄ رکي ۽ قربان ٿي ويو.
ادب، آرٽ، شئر و شائري کان پري پري رهندڙ سنڌ جو اهو پتنگ، اهو پروانو جنهن جي جيري کي هن ديس جي نينهن جا نيزا لڳل هئا، جنهن ڏسي وائسي پاڻ کي انهن آگ ۾ اڇلايو جنهن جي شعلن هن جي سواري کي شمشان بڻائي ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا شاعر ان شمشان جو تزڪرو ڪندا رهيا آهن جنهن جي چتا تي مينهن برسي پوندو آهي پر هن جي چاه چتا تي ڪا به بدلي نه برسي ڪهر جي انهن گهڙي دوران هن مٿان مهر جو ڪڪر نه برسيو.
پر مان صرف انهن ڳالهه جي افسوس ۾ آهيان ته سانگهڙ جي کڙڪندڙ مٽيءَ مٿان جنهن سمئه ڪڙڪندڙ گولين کان پوءِ ڀڙڪندڙ ڀاهه جلائي وئي تڏهن ڪنهن به پار جو ڪوئي به ڪڪر هوا جي هٿ جي آڱر جهلي ان طرف نه آيو جنهن طرف سنڌ جو سرائي قربان کاوڙ ”آگ سنان“ مان گذري ڪنچن بڻجي رهيو هيو ! ۽ اسان ماڻهن جون اکيون ان منظر جي تپش جو تيج به برداشت ڪري نه ٿيون سگهن. اهي ماڻهون سوچي رهيا آهن ته جي ڪڏهن خدا جي آسمان تي ڪي اهڙا ڪڪر نه هئا ته ڇا خدا جي زمين تي ڪي اهڙيون ڪپاريل اکڙيون به نه هيون جن جي هڪ بوند به ڳڙي ها ته هڪ موسلا ڌار برسات ۾ اهو مچ وسامي وڃي هان جنهن ۾ سرائي قربان پنهنجن ساٿين سميت جون آف آرڪ جيان جلايو ويو. هو جيڪو سنڌ جي عشق ۾ ايئن ساڙيو ويو جيئن ڪرانتيڪارن جون مشعلون جلنديون آهن يا جيئن لاتيني آمريڪي جا انقلابي شاعر اندر جي آگ ۾ جلندي اهي شعر لکندا آهن ته:
”THE DAY WE STOP
BURNING IN THE FIRE OF LOVE
PEOPLE WILL DIE OF THE COLD“
يعني؛ جنهن ڏينهن اسان عشق جي آگ ۾ جلڻ ڇڏي ڏنو تنهن ڏينهن ٿڌ ۾ رهندڙ انسان مري ويندا !
محفوظ سياست جي سردي ۾ گرم چانهن جون چسڪيون پيئندڙ اڳواڻن کي انهن جو جيون مبارڪ !
سنڌ جي وڻن جون سڀ ٽاريون لڏي سرائي قربان ۽ سندس ساٿين کي الوداع چئي رهيون آهن.

red salute the martyres of sindho desh
ReplyDelete